Hebrews 7:27 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن کي انهن سردار ڪاهنن وانگر اها ضرورت ڪانهي تہ هو روز پهرين پنهنجن گناهن لاءِ، ۽ پوءِ اُمت جي گناهن لاءِ قربانيون چاڙهي: ڇالاءِ جو ائين هن هڪڙي ئي ڀيري ڪيو، جڏهن پاڻ کي قرباني ڪري ڏنائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ٻين سردار ڪاھنن وانگر ھو انھيءَ ڳالھہ جو محتاج نہ ھجي جو ھر روز پھريائين پنھنجن گناھن ۽ پوءِ قوم جي گناھن واسطي قربانيون ڪري. ڇالاءِجو ھن سندن گناھن واسطي ھڪڙي ئي ڀيري ھميشہ جي قرباني ڪئي، جڏھن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي پاپن ۽ پوءِ قوم وارن جي پاپن واسطي ٻليدانَ پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي پاپن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ ٻليدان پيش ڪيو، جڏهن پاڻ کي ٻليدان ڪري ڇڏيائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ٻين سردار ڪاهنن وانگر هو انهيءَ ڳالهہ جو محتاج نہ هجي جو هر روز پهريائين پنهنجي گناهن ۽ پوءِ قوم وارن جي گناهن واسطي قربانيون پيش ڪري، ڇاڪاڻ تہ هن ماڻهن جي گناهن واسطي هڪڙي ئي ڀيري هميشہ لاءِ قرباني پيش ڪئي، جڏهن پاڻ کي قربان ڪري ڇڏيائين.