Hebrews 7:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
جنهن جو نڪو پيءُ، نڪا ماءُ، نڪو نسب نامو آهي، جنهن جي عمر جي نہ شروعات آهي نہ حياتيءَ جي پڄاڻي، پر خدا جي فرزند جي مشابهہ ڪيو ويو آهي تہ هميشہ لاءِ ڪهانت ڪري.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
ھو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آھي. نہ سندس عمر جي شروعات آھي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ ھو خدا جي فرزند جھڙو ڪيو ويو تہ جيئن ھميشہ لاءِ ڪاھن رھندو اچي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هو بنا پتا، بنا ماتا ۽ بنا ابن ڏاڏن جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي جيون جي پڄاڻي، بلڪ هو ايشور جي پٽ جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هو بنا پيءُ، بنا ماءُ ۽ بنا شجري جي آهي. نہ سندس عمر جي شروعات آهي، نڪي زندگيءَ جي پڄاڻي، بلڪ هو خدا جي فرزند جهڙو ڪيو ويو تہ جيئن هميشہ لاءِ ڪاهن رهندو اچي.