Hebrews 7:5 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ ليويءَ جي اولاد مان، جي کي ڪهانت جو عهدو مليو، تن کي حڪم آهي تہ شريعت موجب اُمت کان يعني پنهنجن ڀائرن کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اُهي ابراهيم جي اولاد مان ئي پيدا ٿيا هئا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاھن جو عھدو ٿو ملي تن کي حڪم آھي تہ شريعت موجب پنھنجي قوم بني اسرائيل کان ڏھون حصو اڳاڙين، جيتوڻيڪ اھي بہ ابراھيم جي نسل مان ئي آھن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي موسيٰ جي نيم موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابرهام جي پيڙهيءَ مان ئي آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
لاويءَ جي اولاد مان جن کي ڪاهن جو عهدو ٿو ملي، تن کي شريعت موجب اهو حڪم مليل آهي تہ پنهنجي قوم بني اسرائيل کان ڏهون حصو اُڳاڙين، جيتوڻيڪ اهي لاوي قبيلي وارا بہ ابراهيم جي نسل مان ئي آهن.