Hebrews 7:6 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
پر جيڪو انهن جي نسب نامي مان ڪونہ هو، تنهن ابراهيم کان ڏهون حصو ورتو، ۽ جنهن کي واعدا مليا هئا، تنهن لاءِ برڪت گهُريائين.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر ملڪصدق جيئن تہ لاويءَ جي نسل مان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ ابراھيم کان ڏھون حصو ورتائين ۽ جنھن سان واعدا ڪيا ويا ھئا، تنھن کي دعائون ڏنائين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي پيڙهيءَ سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابرهام کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان وچن ڪيا ويا هئا، تنهن کي آسيسون ڏنائين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر توڙي جو ملڪِ‌صدق جو لاويءَ جي نسل سان ڪو لاڳاپو نہ هو، تنهن هوندي بہ ابراهيم کان ڏهون حصو ورتائين ۽ جنهن سان واعدا ڪيا ويا هئا، تنهن کي دعائون ڏنائين.