Hebrews 8:10 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هي اُهو عهد آهي جو آئون اسرائيل جي گهراڻي سان انهن ڏينهن کانپوءِ ڪندس؛ آئون پنهنجا قانون هنن جي ذهن نشين ڪندس، ۽ اُهي سندن دلين تي لکندس. ۽ آئون سندن خدا ٿيندس، ۽ هو منهنجي اُمت ٿيندا:
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
وري خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيڪو عھد آءٌ بني اسرائيل جي گھراڻي سان انھن ڏينھن کان پوءِ ڪندس، سو اھو آھي تہ آءٌ پنھنجا قانون ھنن جي ذھنن ۾ وجھندس، ۽ اھي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا ٿيندس، ۽ ھو منھنجي قوم ٿيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر هاڻ آءٌ پرميشور چوان ٿو تہ جيڪو وچن آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن ايشور هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ جيڪو عهد آءٌ بني اسرائيل سان اچڻ وارن ڏينهن ۾ ٻڌندس، سو هن طرح ٻڌندس جو آءٌ پنهنجا قانون هنن جي ذهنن ۾ وجھندس، ۽ اهي سندن دلين تي بہ لکندس. آءٌ سندن خدا هوندس، ۽ هو منهنجي قوم هوندا.