Hebrews 8:11 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هرڪو ماڻهو، پنهنجي هم وطن کي توڙي پنهنجي ڀاءُ کي هيئن چئي نہ سيکاريندو تہ خداوند کي سُڃاڻ: ڇالاءِ جو ننڍا توڙي وڏا سڀيئي مون کي سڃاڻندا.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پوءِ ڪنھن کي بہ اھا ضرورت نہ ٿيندي، جو پنھنجي پاڙيسريءَ يا پنھنجي برادريءَ واري کي اھو چئي سيکاري تہ ’خداوند کي سڃاڻ.‘ ڇالاءِجو انھن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي سڃاڻيندا.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هموطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’پرميشور کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ ڪنهن کي ڪڏهن بہ اها ضرورت نہ پوندي، جو پنهنجي هموطن يا برادريءَ واري کي اهو چئي سيکاري تہ ’ خداوند کي ڄاڻ،‘ ڇاڪاڻ تہ انهن مان ننڍا توڙي وڏا سڀ مون کي ڄاڻيندا هوندا.