Hebrews 8:3 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو سڀڪو سردار ڪاهن نذرن توڙي قربانين جي چاڙهڻ لاءِ مقرر ٿيندو آهي: انهي ڪري ضرور آهي تہ هن سردار ڪاهن کي بہ چاڙهڻ جي لاءِ ڪي ڪجهہ هجي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جيئن تہ ھر ڪو سردار ڪاھن نذرانن ۽ قربانين چاڙھڻ لاءِ مقرر ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري اھو ضروري ھو تہ ھن سردار ڪاھن وٽ بہ چاڙھڻ لاءِ ڪي ڪجھہ ھجي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن ڀيٽائون ۽ ٻليدان چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيئن تہ هر ڪو سردار ڪاهن نذرانا ۽ قربانيون چاڙهڻ لاءِ مقرر ڪيو ويندو آهي، انهيءَ ڪري اهو ضروري هو تہ اسان جي سردار ڪاهن وٽ بہ پيش ڪرڻ لاءِ ڪجھہ هجي.