Hebrews 9:14 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
تہ مسيح، جنهن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي اڳيان بي عيب قرباني ڪري ڏنو، تنهن جو رت ڪيترو نہ وڌيڪ مُردار ڪمن کان اوهان جي دلين کي پاڪ ڪندو تہ زندہ خدا جي عبادت ڪريو.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ پاڪ ڪندو، جنھن ابدي روح جي وسيلي پاڻ کي خدا جي آڏو بي⁠عيب قربانيءَ طور ڏيئي ڇڏيو. سندس رت اسان جي دلين کي اھڙن ڪمن کان پاڪ ڪندو جن جي پڇاڙي موت آھي، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪريون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پوِتر ڪري ٿو، تہ جيئن اسين جيوت ايشور جي ڀڳتي ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن هميشہ واري پوِتر آتما جي وسيلي پاڻ کي ايشور وٽ بي‌عيب ٻليدان طور پيش ڪيو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تہ پوءِ مسيح جو رت ان کان ڪيترو نہ وڌيڪ اسان جي ضمير کي موت ڏانهن وٺي ويندڙ ڪمن کان پاڪ ڪري ٿو، تہ جيئن اسين زندہ خدا جي عبادت ڪري سگھون. مسيح ائين ئي ڪيو جڏهن هن ابدي پاڪ روح جي وسيلي پاڻ کي خدا وٽ بي‌عيب قربانيءَ طور پيش ڪيو.