Hebrews 9:15 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ انهي ڪري هو نئين عهد جو درمياني آهي، تہ پهرئين عهد جي زماني ۾ جيڪي قصور ٿيا هئا تن جي معافيءَ لاءِ، اُهو موت جو هن سَٺو، تنهن جي وسيلي، جي ماڻهو سڏيل آهن، سي واعدي موجب هميشہ جو ورثو حاصل ڪن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ڪري ئي مسيح نئين عھد جو وچ وارو آھي. جن ماڻھن پھرين عھد جي زماني ۾ ڏوھہ ڪيا ھئا، تن کي ھن پنھنجي جان ڏيئي آزاد ڪرايو. انھيءَ لاءِ تہ جن کي سڏيو ويو آھي، سي واعدي ڪيل دائمي ورثو حاصل ڪن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ٻليدان جي وسيلي ئي مسيح ايشور ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين ٻڌل وچن جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي ايشور سڏيو آهي، سي سندس امر ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن وچن ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين ٻڌل وچن جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي پاپ کان آزاد ٿين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ قربانيءَ جي وسيلي ئي مسيح خدا ۽ ماڻهن جي وچ ۾ نئين عهد جو وچ وارو آهي، انهيءَ لاءِ تہ جن کي خدا سڏيو آهي، سي سندس دائمي ورثو حاصل ڪن جنهن جو هن واعدو ڪيو آهي. پر اڳ ۾ اهو ضروري هو تہ جيڪي ماڻهو پهرئين عهد جي زماني ۾ حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪري قصوروار بڻيا هئا، تن لاءِ هڪ موت ٿئي تہ جيئن اهي گناهہ کان آزاد ٿين.