Hebrews 9:19 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
ڇالاءِ جو جڏهن موسيٰ ساريءَ اُمت کي شريعت جا سڀ حڪم ٻُڌائي رهيو، تڏهن هن وهڙن ۽ ٻڪرن جو رت، پاڻيءَ، ۽ قرمزي اُن، ۽ زوفا سان کڻي، انهي ڪتاب ۽ ساريءَ اُمت تي ڇٽڪاريو،
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
جڏھن موسيٰ شريعت جو ھر حڪم ساريءَ قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏھن ھن گابن ۽ ٻڪرين جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، قرمزي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ ساريءَ قوم تي ڇٽڪاريو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هائو، جڏهن موسيٰ ايشور جي نيم جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان نيم واري شاستر ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، جڏهن موسيٰ شريعت جو هر حڪم سڄي قوم کي ٻڌائي چڪو، تڏهن هن گابن ۽ ٻڪرن جو رت کڻي پاڻيءَ سان گڏي، لال ڳاڙهي اُن ۽ زوفا جي ٽارين سان شريعت جي ڪتاب ۽ سڄي قوم تي ڇٽڪاريندي