Hebrews 9:2 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
يعني هڪڙو تنبو تيار ڪيو ويو هو، جنهن جي پهرئين حصي ۾ شمعدان ۽ ميز ۽ نذر جون مانيون هيون؛ جنهن کي پاڪ جاءِ چوندا آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
يعني ھڪ مقدس خيمو کوڙيو ويو ھو، جنھن جي پھرين ڪمري ۾ شمعدان، ميز ۽ نذراني جون مانيون رکيل ھيون. انھيءَ کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو ھو.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
هڪ پوِتر خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي ڀيٽا جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي پوِتر جاءِ سڏيو ويندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هڪ مقدس خيمي جي صورت ۾ کوڙي ويئي هئي. انهيءَ جي پهرئين ڪمري ۾ هڪ شمعدان ۽ هڪ ميز هوندي هئي، جنهن تي نذراني جا روٽ رکيل هوندا هئا. انهيءَ ڪمري کي مقدس جاءِ سڏيو ويندو هو.