Hebrews 9:23 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تنھنڪري اھو ضروري ھو تہ آسماني شين جا نقل اھڙين قربانين جي وسيلي پاڪ ڪيا وڃن، بلڪ خود آسماني شيون انھن کان بھتر قربانين جي وسيلي پاڪ ڪجن.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تنهنڪري اهو ضروري هو تہ ڌرتيءَ تي پوِتر خيمو ۽ ان جي ڀڳتيءَ واريون شيون جيڪي آڪاشي شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي ٻليدان وسيلي پوِتر ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آڪاشي شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ٻليدان جي وسيلي پوِتر ڪيون وڃن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري اهو ضروري هو تہ زمين تي مقدس خيمو ۽ ان جي عبادت واريون شيون جيڪي آسماني شين جو نقل هيون، تن کي اهڙي نموني جانورن جي رت جي قربانيءَ وسيلي پاڪ ڪيو وڃي. پر جيڪي خود آسماني شيون آهن تن لاءِ ضروري هو تہ اهي انهيءَ کان وڌيڪ بهتر قربانيءَ جي وسيلي پاڪ ڪيون وڃن.