Hebrews 9:25 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
نہ انهي لاءِ تہ هو وري وري پاڻ کي قربان ڪري؛ جيئن ڪ سردار ڪاهن هر سال پاڪ جاءِ ۾، پنهنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
سردار ڪاھن ھر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنھنجو نہ پر ٻئي جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
ڌرتيءَ واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال پوِتر ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري ٻليدان ڪرڻ لاءِ آڪاش ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
زمين واري خيمي جو سردار ڪاهن هر سال مقدس ترين جاءِ ۾ پنهنجو نہ پر جانورن جو رت کڻي ٿو وڃي. پر مسيح پاڻ کي وري وري قربان ڪرڻ لاءِ آسمان ۾ داخل نہ ٿو ٿئي،