Hebrews 9:28 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گهڻن جي گناهن کڻڻ لاءِ قربان ٿي، ٻيو ڀيرو نہ گناهہ جي فيصلي لاءِ پر نجات جي لاءِ، انهن کي ڏيکاري ڏيندو، جي سندس انتظار ۾ آهن.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
تھڙيءَ طرح مسيح بہ ھڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻھن جي گناھن کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏھن ھو ٻيھر ظاھر ٿيندو تہ گناھہ کڻڻ لاءِ نہ، بلڪ انھن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ لاءِ ايندو جيڪي سندس واٽ پيا نھارين.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي پاپن کي کڻي وڃڻ لاءِ ٻليدان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ پاپن لاءِ ٻليدان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي مڪتي ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تهڙيءَ طرح مسيح بہ هڪڙي ئي ڀيري گھڻن ماڻهن جي گناهن کي کڻي وڃڻ لاءِ قربان ٿيو. پر جڏهن هو ٻيهر ظاهر ٿيندو تہ گناهن لاءِ قربان ٿيڻ واسطي نہ، پر انهن کي ڇوٽڪارو ڏيڻ واسطي ظاهر ٿيندو جيڪي سندس واٽ پيا نهارين.