Hebrews 9:4 — Compare Translations

4 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي ۾ سونو خوشبودان، ۽ عهد جي صندوق هئي، جا چوڌاري سون سان مڙهيل هئي، ۽ منجهس من سان ڀريل هڪڙو سونو ٿانءُ، ۽ هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جهليون، ۽ عهد جون تختيون هيون؛
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
انھيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري سوني قربان⁠گاھہ ھئي ۽ چئني پاسن کان سون سان مڙھيل عھد واري صندوق رکيل ھئي. انھيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل ھڪ سونو ٿانءُ، ھارون جي لٺ جنھن مکڙيون جھليون ھيون ۽ عھدنامي جون پٿريليون تختيون ھيون.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
انهيءَ ۾ لوبان ساڙڻ واري ٻليدان واري جاءِ جنهن تي سونو پٽ چڙهيل هو ۽ ٻڌل وچن واري صندوق رکيل هئي. اها صندوق چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي جنهن ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ ٻڌل وچن واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ ۾ لوبان ٻارڻ لاءِ سونو پٽ چڙهيل قربان‌گاهہ ۽ عهد واري صندوق رکيل هئي، جيڪا چئني پاسن کان سون سان مڙهيل هئي. انهيءَ صندوق ۾ مَنَ سان ڀريل هڪ سونو ٿانءُ، هارون جي لٺ جنهن مُکڙيون جھليون هيون ۽ عهدنامي واريون پٿر جون ٻہ تختيون هيون.