Hebrews 9:5 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ اُنهي جي مٿان جلال جا ڪروبي هئا، جي ڪفارہ گاهہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هوندا هئا. انهن ڳالهين جو اسين هاڻي تفصيلوار بيان ڪري نٿا سگهون.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جھڙيون شڪليون ٺھيل ھيون، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني ھيون ۽ اھي ڪفارہگاھہ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون ھيون. پر ھن وقت انھن ڳالھين جي تفصيل بيان ڪرڻ جو موقعو ناھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
صندوق جي مٿان پردار آڪاشي جيوَ جهڙيون ٻہ مورتيون ٺهيل هيون، جيڪي ايشور جي موجودگيءَ جي نشاني هيون ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺيون هيون. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
صندوق جي مٿان پردار آسماني مخلوق جهڙا ٻہ مجسما ٺهيل هئا، جيڪي خدا جي موجودگيءَ جي نشاني هئا ۽ اهي ڪفاري واري جاءِ تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئا. پر هن وقت انهن ڳالهين کي تفصيل سان بيان ڪرڻ جو موقعو ناهي.