Hebrews 9:7 — Compare Translations
4 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ٻئي حصي ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو اڪيلو داخل ٿيندو آهي، ۽ پاڻ سان رت کڻي ويندو آهي، جو رت هو پنهنجي ۽ پنهنجيءَ اُمت جي خطائن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آهي.
Sindhi Bible (Common Language New Testament)
پر اندرين ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاھن سال ۾ فقط ھڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو آھي. سو بہ انھيءَ رت کان سواءِ نہ ويندو آھي، جيڪو ھو پنھنجي ۽ پنھنجي قوم وارن جي اڻڄاڻائيءَ وارن گناھن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو آھي.
Sindhi Bible (Hindu) (Hindu Sindhi New Testament © The Pakistan Bible Society, 2022) - پوِتر شاستر يسوع مسيح جي خوشخبري
پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل پاپن لاءِ ڀيٽا ڪري ڏيندو هو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر ٻئي ڪمري ۾ رڳو سردار ڪاهن سال ۾ فقط هڪڙو ڀيرو داخل ٿيندو هو. سو بہ انهيءَ رت کڻي وڃڻ کان سواءِ نہ ويندو هو، جيڪو هو پنهنجي ۽ پنهنجي قوم وارن جي اڻڄاڻائيءَ ۾ ڪيل گناهن لاءِ نذرانو ڪري ڏيندو هو.