Hosea 10:11 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ افرائيم هڪڙي گابي آهي جا هيرائي ويئي آهي، ۽ جا اَن ڳاهڻ پسند ٿي ڪري؛ پر مون انهي جي سهڻي ڳچيءَ تي سزا وڌي آهي؛ ۽ آءٌ افرائيم تي هڪڙو سوار ويهاريندس. يهوداہ هر کيڙيندو، يعقوب انهي جا ڀتر ڀڃندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اسرائيل وارا هڪ سيکاريل وهڙي مثل هئا، جيڪو وهڙو اَن ڳاهڻ لاءِ بلڪل تيار هو، سو مون ان جي مضبوط ڳچيءَ ۾ هڪڙي پاڃاري وڌي، تہ جيئن اسرائيل وارا هر هلائين، ۽ يهوداہ وارا ساهر گھمائي ڀتر ڀڃن.