Hosea 11:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي افرائيم، آءٌ توکي ڪيئن ڇڏي ڏيان؟ اي اسرائيل، ڪيئن آءٌ توکي ڏيئي ڇڏيان؟ ڪيئن توکي ادمہ جهڙو ڪريان؟ ڪيئن توکي ضبويم جهڙو بنايان؟ منهنجي دل منهنجي اندر ۾ وٽ ٿي کائي، منهنجون رحمتون ظاهر ٿيون آهن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.