Hosea 13:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اڃا تائين هو گناهن مٿان گناهہ ڪندا آيا، ۽ پوڄا لاءِ چانديءَ جون ٺهيل مورتيون ۽ پلٽيل بت ٺاهيائون. هو پنهنجي سوچ مطابق پنهنجي هٿن سان بت جوڙيندا رهيا، پوءِ هو انهن بتن بابت چوڻ لڳا تہ ”سندن آڏو قربانيون پيش ڪيون وڃن.“ ڇا اها چڱي ڳالهہ آهي، جو انسان گابن جي ٺهيل بتن کي معبود بڻائي چمي ڏئي؟