Hosea 3:1 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“