Hosea 4:15 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
جيتوڻيڪ، اي اسرائيل تون ڪڃري ٿي گذاريندينءَ، تہ بہ يهوداہ ڏوهاري نہ ٿئي؛ ۽ اوهين جلجال ۾ نہ اچجو، نڪي بيت اون ڏانهن چڙهي وڃجو، نڪي چئجو تہ جيئري خداوند جو قسم آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اي يهوداہ وارؤ! اسرائيل وارا مون خدا سان بي‌وفائي ٿا ڪن، پر ائين نہ ٿئي جو انهن جي بي‌وفائيءَ جي ڪري اوهين يهوداہ وارا بہ گنهگار ٿيو. اوهين پوڄا لاءِ اسرائيل جي شهرن جِلجال توڙي بيت‌ايل ڏانهن نہ وڃو، ۽ نہ وري اتي ڪڏهن مون جيئري خدا جو قسم کڻو.