Isaiah 10:24 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي منهنجي قوم، اوهين جي صيون ۾ ٿا رهو، سي اسور کان ڊڄو: جيتوڻيڪ هو اوهان کي جيئن مصر ۾ دستور هو لڪڻ سان ماريندو ۽ اوهان تي لٺ کڻندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻي خداوند ، قادرِمطلق خدا يهوداہ وارن کي فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! جيڪي صيئون جبل تي رهو ٿا، اوهين اشور وارن کان نہ ڊڄو، توڙي جو اهي لڪڻ يا لٺ سان اوهان تي ظلم ڪن، جيئن مصر وارا ڪندا هئا.