Isaiah 14:29 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
اي فلستين تون سڄي ساري انهيءَ ڪري خوشي نہ ڪر، تہ جنهن لٺ توکي ڌڪ هنيو هو، سا ڀڄي پيئي آهي: ڇالاءِ جو نانگ جي نسل مان هڪڙو سپ نڪرندو، جنهن مان هڪڙو باهہ ڪڍندڙ اُڏامندڙ ازدها پيدا ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
”اي فلستيءَ جا رهاڪؤ! اوهين سڀيئي انهيءَ ڳالهہ تي خوش نہ ٿيو تہ اوهان کي مار ڏيڻ وارو دشمن ختم ٿي ويو آهي. يا کڻي ائين چئجي تہ جيتوڻيڪ نانگ تہ مري ٿو وڃي، تہ بہ انهيءَ جي نسل مان وري ڪاريهر نانگ ٿو نڪري، جنهن مان وري باهہ جا اُلا ڪڍندڙ هڪڙي اُڏامندڙ ازدها بلا پيدا ٿئي ٿي.