Isaiah 15:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو نمريم جا پاڻي ويران ٿي ويا آهن، ۽ گاهہ سڪي ويو آهي، ۽ تازو گاهہ ڪومائجي ويو آهي، ۽ ڪابہ سائي شيءِ ڪانهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندن ملڪ ۾ ايتري تہ تباهي وَ بربادي آئي آهي جو نمريم جون نهرون بہ خشڪ ٿي ويون آهن، ۽ گاهہ ۽ ٻوٽا سڪي سڙي ويا آهن. ايتري قدر جو ساوڪ جو نالو نشان ئي نہ رهيو آهي.