Isaiah 16:8 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڇالاءِ جو حسبون جون ٻنيون ۽ سبماہ جي ڊاک ڪومائجي ٿي؛ قومن جي سردارن انهي جون عمديون عمديون ٽاريون ڀڃي ڇڏيون آهن؛ اهي يعزير تائين بہ اچي پهتا آهن، اهي بيابان ۾ گهميا ڦريا؛ ان جون شاخون هيڏي هوڏي پکڙي ويون، اهي سمنڊ پار بہ لنگهي ويا.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سندن شهر حشبون جون ٻنيون، ۽ سبماہ شهر جي انگورن جا باغ سڪي سڙي ويا آهن. غير قومن جي سردارن انگورن جي عمدين ولين کي ناس ڪري ڇڏيو آهي. هائو، موآب ملڪ اهڙي عمدي ول مثل هو، جيڪا ڪنهن وقت ڏورانهين شهر يعزير تائين ٿي پهتي. هائو، اها اوڀر ۾ بيابان تائين، ۽ اولهہ ۾ سمنڊ کان پار تائين ٿي پهتي.