Isaiah 17:3 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
افرائيم ۾ ڪو ڪوٽ نہ رهندو، ۽ دمشق ۽ ارام جي باقي بچلين وٽ بہ بادشاهت نہ رهندي؛ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ انهن جو حال بہ اهڙو ٿيندو جهڙو بني اسرائيل جي جلال جو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
باقي بچيل ارامين جي شان وَ شوڪت جو حشر بہ بني اسرائيل جي شان وَ شوڪت جهڙو ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اسرائيل ۾ ڪوبہ ڪوٽ يا قلعو باقي نہ رهندو، جڏهن تہ ارام جي شهر دمشق مان بادشاهي ختم ٿي ويندي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“