Isaiah 18:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
جو سمنڊ جي رستي ايلچي ٿو موڪلي، يعني پاڻي تي هلندڙن ڪانن جي جهازن ۾، ۽ انهن کي چوي ٿو تہ اي تکا قاصد، اوهين زوراور ۽ خوبصورت قوم ڏي وڃو، انهيءَ قوم ڏي، جا شروع کان وٺي برابر خوفناڪ رهندي آئي آهي؛ جا قوم زبردست ۽ فتحياب آهي، جنهن جي زمين کي نديون ورهائين ٿيون!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اتان سمنڊ جي رستي ايلچي ٿا اچن، يعني پاڻيءَ ۾ تيزيءَ سان هلندڙ ڪانن جي جهازن ۾. اي تيز رفتار قاصدؤ! اوهين خداوند جو پيغام کڻي موٽي پنهنجي قوم وٽ وڃو، جنهن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي. انهيءَ جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن.