Isaiah 18:7 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهيءَ وقت لشڪرن جي خداوند لاءِ هڪڙي زبردست ۽ خوبصورت قوم وٽان، جا شروعات کان وٺي خوفناڪ آهي، يعني اهڙي قوم جا بدلو وٺي تباهہ ٿي ڪري، ۽ جنهن جي ملڪ کي نديون حصن ۾ ورهائن ٿيون، تنهن وٽان لشڪرن جي خداوند جي نالي واري هنڌ، يعني صيون جبل تي، هڪڙو تحفو آندو ويندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ کان پوءِ ان قوم جا ماڻهو پنهنجا نذرانا کڻي قادرِمطلق خداوند جي نالي واري جاءِ ۾، يعني صيئون جبل تي قادرِمطلق خداوند آڏو آڻيندا، هائو، انهيءَ ئي قوم وارا جن جي ملڪ ۾ گھڻيون ئي نديون آهن ۽ جن جا ماڻهو قداور ۽ خوبصورت آهن. اها زبردست ۽ فاتح قوم آهي، جيڪا شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين خوفناڪ رهندي آئي آهي.