Isaiah 21:2 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هائو، مون کي ڪيڏي نہ هيبتناڪ رويا ڏيکاري ويئي، جنهن ۾ دغاباز دغابازي ٿا ڪن ۽ برباد ڪندڙ بربادي ٿا آڻين. انهيءَ رويا ۾ خداوند فرمايو ٿي تہ ”اي عيلام جا لشڪر! بابل وارن تي ڪاهہ ڪر، اي مادئيءَ جا لشڪر! سندن شهرن جو گھيرو ڪر. آءٌ خداوند بابل وارن جا ظلم ختم ٿو ڪريان، تان‌تہ مظلومن جون آهون ۽ دانهون بند ٿي وڃن.“