Isaiah 22:25 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
انهي ڏينهن، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جيڪا ڪلي مضبوط جاءِ تي قابو ڪئي وئي هئي، سا نڪري پوندي؛ ۽ اها وڍي ويندي ۽ ڪري پوندي، ۽ جيڪو بار ان تي هو سو بہ وڍجي ويندو؛ ڇالاءِ جو خداوند ائين فرمايو آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن هوندي بہ جيڪا ڪلي هاڻي مضبوطيءَ سان لڳائي ويندي، سا ڪنهن ڏينهن مون قادرِمطلق جي فرمان موجب لوڏي لوڏي ڍلي ڪري هيٺ ڪيرائي ويندي. پوءِ انهيءَ تي ٽنگيل هر ڪا شيءِ ڪري ناس ٿي ويندي. اهو ئي مون خداوند جو فرمان آهي.“