Isaiah 23:4 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
اي صيدا، تون شرمندو ٿيءُ: ڇالاءِ جو سمنڊ، يعني سمنڊ جي مضبوط قلعي، ڳالهايو آهي، ۽ چيو اٿس تہ نہ مون کي سور ٿيا نہ مون ڪي ڄڻيو، ۽ نہ مون جوان مڙس نپايا، ۽ نہ مون ڪنواريون ڇوڪريون پالي وڏيون ڪيون.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پر اي صيدا شهر وارؤ! اوهين تہ هاڻي خوار خراب ٿيا آهيو، ڇاڪاڻ تہ هاڻ سمنڊ اوهان کي پنهنجي اولاد جيان پناهہ نہ ٿو ڏئي. هائو، سمنڊ هڪ سنڍ عورت جيان اوهان کي ڌڪاريندي چوي ٿو تہ ”مون تہ ويم جا سور ڏٺا ئي نہ آهن، پوءِ اوهين ڪٿان منهنجو اولاد بڻجي آيا آهيو؟“