Isaiah 24:16 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
زمين جي تمام پرانهين ڀاڱي کان اسان راڳ ٻڌا آهن، سچي جي لاءِ وڏائي آهي. پر مون چيو تہ آءٌ ڳرندو وڃان، آءٌ ڳرندو وڃان، افسوس آهي منهنجي حال تي! دغابازي ڪندڙن دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي، هائو، دغابازي ڪندڙن تمام دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
بيشڪ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ کان عادل خدا جي واکاڻ جا گيت ٻڌڻ ۾ ٿا اچن. پر ويل آهي مون لاءِ! ڇاڪاڻ تہ منهنجا حالات تمام خراب آهن، بلڪ آءٌ ڳرندو ٿو وڃان، هائو، جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ دغابازي ڪندڙ دغابازيءَ جي هلت کان باز نہ ٿا اچن، بلڪ سندن دغابازي ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي وڃي.