Isaiah 24:23 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
انهي وقت چنڊ لڄي ٿيندو، ۽ سج شرمندو ٿيندو؛ ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند صيون جبل ۾، ۽ يروشلم ۾، ۽ پنهنجي بزرگن جي اڳيان تجمل سان بادشاهي ڪندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهيءَ وقت قادرِمطلق خداوند جي ئي بادشاهي هوندي، هو صيئون جبل تي اڏيل يروشلم شهر مان حڪم هلائيندو، ۽ سندس قوم جا حاڪم سندس جلوو پيا پسندا. خداوند جو جلوو ايترو تہ تجليءَ وارو هوندو جو سج چنڊ بہ سندس آڏو لڄي ۽ شرمسار هوندا.