Isaiah 26:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
تنهنجا مئل جيئرا ٿيندا؛ منهنجا مڙهہ جي اُٿندا. اوهين جي مٽيءَ ۾ رهو ٿا، سي جاڳو ۽ ڳايو: ڇالاءِ جو تنهنجي ماڪ انهي ماڪ وانگر آهي جا گاهہ تي پوي ٿي، ۽ زمين مئلن کي ٻاهر ڪڍندي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند ٿو فرمائي تہ ”اوهان جي قوم وارا جيڪي مري ويا آهن، سي وري جيئرا ٿي اٿندا. هائو، منهنجي ماڻهن جا لاش وري جيئرا ٿي اٿندا. سو اي قبر ۾ وڃي سمهڻ وارؤ! اوهين جاڳي اُٿو ۽ خوشيءَ وچان ڳايو. هائو، جيئن چمڪندڙ ماڪ جي وسيلي آءٌ خداوند ڌرتيءَ کي تازو توانو ٿو ڪريان، تيئن ئي آءٌ انهن مري ويلن کي نئين سر جيئرو ڪندس.“