Isaiah 28:1 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
افسوس آهي افرائيم جي نشئين جي مغروريءَ جي تاج تي، ۽ سندس شاندار سونهن جي ڪومائجندڙ گل تي، جو انهن جي آباد ماٿريءَ جي مٿان آهي، جن تي شراب غالب پيو آهي!
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ويل آهي اسرائيل جي مئيخوار حاڪمن جي مغروريءَ واري تاج لاءِ! هائو، ويل آهي انهن جي شاندار ۽ خوبصورت شهر سامريہ لاءِ! اهو اهڙي گل مثل آهي جيڪو ڪومائجي ٿو وڃي. زرخيز ماٿريءَ جي مٿان اڏيل انهيءَ شهر سامريہ جي حاڪمن تي مئي غالب آهي.