Isaiah 29:8 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ اهڙو حال ٿيندو، جهڙو ڪو بکايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ ماني ويٺو کائي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ سندس اندر خالي آهي: يا جهڙو ڪو اُڃايل ماڻهو خواب ۾ ڏسي تہ پاڻي ٿو پئي؛ پر جڏهن جاڳي تڏهن ڏسي تہ ساڻو ٿيو پيو آهي ۽ اندر ۾ اُڃ اٿس: انهيءَ طرح جيڪو قومن جو ڪٽڪ صيون جبل سان وڙهندو، تنهن جو اهڙو حال ٿيندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
جيڪي بہ قومون يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيون هونديون، تن جو حال انهيءَ بکايل ماڻهوءَ جهڙو ٿيندو، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي کاڌو کائيندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ سندس پيٽ خالي آهي. هائو، اهي قومون انهيءَ اڃايل ماڻهوءَ جيان هونديون، جيڪو خواب ۾ تہ پاڻ کي پاڻي پيئندي ڏسي ٿو، پر جاڳڻ تي معلوم ٿئيس ٿو تہ هو اڃايل ۽ ساڻو آهي.“