Isaiah 3:14 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
خداوند پنهنجي قوم جي بزرگن جي، ۽ انهن جي اميرن جي عدالت ڪندو. خداوند، لشڪرن جو خداوند، فرمائي ٿو تہ اهي اوهين آهيو جن ڊاک جو منهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي؛ غريبن جو لٽ جو مال اوهان جن گهرن ۾ آهي:
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند پنهنجي قوم جي اڳواڻن، ۽ سردارن کان عدالت شروع ٿو ڪري. خداوند قادرِمطلق مٿن الزام ٿو هڻي تہ ”اوهين اهي آهيو جن منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان کائي چٽ ڪري ڇڏيو آهي. اوهان غريبن کي لٽي ڦري پنهنجا گھر ڀريا آهن.