Isaiah 30:28 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
هن جو دم نديءَ جي اُٿل وانگي آهي، جا ڳچيءَ تائين ٿي پهچي تہ قومن کي فنا ڪرڻ واري پرڻ سان ڇاڻي ۽ اُمتن جي ڄاڙين ۾ گمراهہ ڪندڙ لغام وجهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هن جي ڦوڪ اٿل کائيندڙ اهڙيءَ ٻوڏ وانگر هوندي، جيڪا هر شيءِ کي لوڙهيو ڇڏي. هو غير قومن کي تباهيءَ واري ڇاڻيءَ ۾ ڇاڻي ناس ڪندو، ۽ سندن ڄاڙين ۾ لغام وجھي کين قيد ڪرائيندو.