Isaiah 30:6 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڏکڻ جي جانورن بابت ڪلام تڪليف ۽ مصيبت جو ملڪ، جتان شينهن ۽ شينهڻ، نانگ ۽ اُڏامندڙ آتشي سپ ٿا اچن، تنهن منجهان هو پنهنجي دولت گڏهن جي پٺيءَ تي، ۽ پنهنجا خزانا اُٺن جي ٿوهن تي کڻي انهيءَ اُمت ڏانهن ٿا وڃن، جنهن مان انهن کي ڪوبہ فائدو نہ رسندو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
ڏاکڻي بيابان جي جانورن بابت خداوند فرمائي ٿو تہ ”يهوداہ جا ايلچي اهڙي خطرناڪ ۽ مصيبت واري بيابان مان سفر ٿا ڪن، جنهن ۾ ببر شينهن ۽ ڪاريهر ۽ اڏامندڙ زهريلا نانگ آهن. اهي پنهنجي گڏهن ۽ اٺن جي پٺين تي قيمتي تحفا ۽ پنهنجا خزانا هڪڙي اهڙي قوم ڏانهن کڻي ٿا وڃن، جنهن مان کين ڪوبہ فائدو نہ رسندو.