Isaiah 36:12 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر ربشاقيءَ چيو تہ منهنجي مالڪ مون کي هي ڳالهيون چوڻ لاءِ فقط تنهنجي مالڪ ڏانهن ۽ تو ڏانهن موڪليو آهي ڇا؟ هن مون کي هنن ماڻهن ڏانهن ڪونہ موڪليو آهي ڇا؛ جي ڀت تي ويٺا آهن، تہ هو تو سان گڏ پنهنجو گونهن کائين، ۽ پنهنجو پيشاب پيئن.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهن تي عملدار اعليٰ هنن کي چيو تہ ”منهنجي مالڪ مون کي رڳو توهان جي مالڪ ۽ توهان ڏانهن ئي ڪونہ موڪليو آهي، بلڪ هن مون کي ڀت تي ويٺل ماڻهن ڏانهن بہ موڪليو آهي. هو بہ اوهان وانگر ئي پاخاني جو گند ڪچرو کائيندا، جهڙيءَ طرح اوهين کائيندا.“