Isaiah 36:7 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پر جيڪڏهن تون مون کي چوندين تہ اسين خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو ٿا رکون، تہ هو اهو ناهي ڇا جنهن جا مٿانهان مڪان ۽ قربانگاهون حزقياہ ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم کي چيو اٿس تہ اوهين هن ٻئي قربانگاهہ جي اڳيان سجدو ڪريو؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اعليٰ عملدار انهن ماڻهن کي وڌيڪ چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘