Isaiah 37:30 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
۽ تو لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي، تہ هن سال اوهين اهو کائيندا، جو پاڻيهي اُڀرندو، ۽ ٻئي سال اهو کائيندا جو انهي جي پاڙ مان ڦٽندو، ٽئين سال اوهين پوکجو ۽ لڻجو؛ ڊاک جا منهہ ٺاهجو ۽ انجو ميوو کائجو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
پوءِ يسعياہ نبيءَ حزقياہ بادشاهہ کي وڌيڪ چيو تہ ”اي حزقياہ! تنهنجي لاءِ هيءَ نشاني ٿيندي تہ هن سال جيڪو ڪجھہ پاڻيهي ڦٽندو سو اوهين کائيندا ۽ ٻئي سال بہ اُهو ئي کائيندا جيڪو وري اُن مان پاڻيهي ڦٽي نڪرندو. پر ٽئين سال ۾ اوهين پاڻ پوکيندا، لڻندا، انگورن جا باغ لڳائيندا ۽ پوءِ انهن جو ڦر کائيندا.