Isaiah 37:4 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
شايد خداوند تنهنجو خدا ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌي، جنهن کي سندس مالڪ اسور جي بادشاهہ، جيئري خدا جي گلا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، ۽ جيڪي ڳالهيون خداوند تنهنجي خدا ٻڌايون آهن، تن لاءِ هو ملامت ڪري: تنهن ڪري جيڪي باقي بچيا آهن، تن لاءِ تون دعا گهر.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
اشور جي شهنشاهہ پنهنجو جيڪو عملدار اعليٰ موڪليو آهي سو جيئري خدا جي خلاف ڪفر ٿو بڪي. خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، سو شل انهيءَ عملدار اعليٰ جون اهي ڳالهيون ٻڌي ۽ اشورين کي انهيءَ جي سزا ڏئي. تنهنڪري اسان مان باقي بچيل ماڻهن جي حق ۾ تون خدا کان دعا گھر.“