Isaiah 39:2 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
۽ حزقياہ انهن جي اچڻ ڪري ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ انهن کي پنهنجا خزانا، يعني چاندي، ۽ سون، ۽ مصالحہ ۽ قيمتي تيل، ۽ پنهنجن هٿيارن جو سڄو گهر، ۽ جيڪي بہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريائين: سندس گهر ۾ اهڙي ڪابہ شيءِ ڪانہ هئي جا حزقياہ هنن کي نہ ڏيکاري.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
حزقياہ انهن ايلچين جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ هنن کي پنهنجي قيمتي شين جا سڀ گدام ڏيکاريائين، جن ۾ چاندي، سون، مصالحا ۽ قيمتي عطر موجود هئا. هن کين پنهنجا اسلحہ خانا ۽ ٻيو جيڪي ڪجھہ سندس خزانن ۾ موجود هو سو سڀ ڏيکاريو. مطلب تہ شاهي محل توڙي سڄيءَ بادشاهت ۾ ڪابہ اهڙي شيءِ ڪانہ رهي جيڪا هنن کي ڏيکاري نہ ويئي.