Isaiah 42:25 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.