Isaiah 43:14 — Compare Translations

2 translations compared side by side

Sindhi Bible
خداوند اوهان جو نجات ڏيندڙ، اسرائيل جو پاڪ خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ اوهان جي خاطر مون بابل ڏانهن موڪليو آهي، ۽ انهن سڀني کي، يعني ڪسدين کي سندن خوشين جي جهازن تي چاڙهي ڀڄائي آڻيندس.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
خداوند ، اوهان جو بچائيندڙ، بني اسرائيل جو پاڪ معبود فرمائي ٿو تہ ”منهنجو واعدو آهي تہ اوهان کي بچائڻ خاطر بابل جي خلاف آءٌ هڪڙو لشڪر موڪليندس. آءٌ شهر جا دروازا ڀڃي ڪيرائيندس، ۽ انهيءَ جي رهاڪن جي خوشيءَ وارن نعرن کي دانهن ڪوڪن ۾ بدلائي ڇڏيندس.