Isaiah 43:9 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڀلي تہ سڀ قومون گڏ ڪيون وڃن، ۽ اُمتون اچي گڏ ٿين: انهن مان ڪير اهو ٻڌائي سگهندو، ۽ اسان کي اڳوڻيون ڳالهيون ڏيکاري سگهندو: ڀلي تہ اهي پنهنجا شاهد آڻين، تہ اهي سچا ثابت ٿين: يا ڀلي تہ اهي ٻڌن، ۽ چون تہ اهو سچ آهي.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
سڀني قومن ۽ قبيلن کي بہ سڏايو وڃي، تہ عدالت ۾ اچي حاضر ٿين. انهن جي معبودن مان ايندڙ وقت ۾ ٿيڻ وارين ڳالهين بابت ڪير اڳڪٿي ڪري ٻڌائيندو؟ ڇا انهن مان ڪنهن ٻڌايو هو تہ هن وقت ڇا ٿي رهيو آهي؟ ڀلي تہ سندن معبود پاڻ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا شاهد آڻين، ڀلي تہ اهي ماڻهن کي بيان ڪري ٻڌائين، جيڪي ٻڌي چون تہ ’هي سچ آهي.‘