Isaiah 44:15 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
پوءِ اهو باهہ ٻارڻ لاءِ ماڻهوءَ کي ڪم اچي ٿو؛ هو انهي مان ڪجهہ ٻاري پاڻ کي گرم ڪري ٿو؛ بلڪ هو انهي کي ٻاري ماني پچائي ٿو: هو انهي مان هڪڙو معبود ٺاهي ٿو، ۽ انهي جي عبادت ڪري ٿو؛ هو انهي مان هڪڙي اُڪريل مورت ٺاهي انهي جي اڳيان سجدو ڪري ٿو.
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
هاڻ ماڻهو وري انهيءَ ساڳي وڻ کي باهہ ۾ ٻارڻ واسطي ڪم آڻين ٿا، جن مان ڪجھہ ٻاري هو پاڻ کي گرم رکن ٿا ۽ ڪجھہ ٻاري انهن تي رڌپچاءُ ڪن ٿا. وري ڏسو تہ اهي ساڳي ئي وڻ جي ڪجھہ حصي مان هو بت ٺاهي انهن جي پوڄا ڪن ٿا! هائو، انهيءَ وڻ جي ڪاٺ کي اُڪري انهيءَ مان مورتيون ٺاهي انهن آڏو پنهنجو سر ٿا جھڪائين.