Isaiah 44:19 — Compare Translations
2 translations compared side by side
Sindhi Bible
ڪو پنهنجي دل ۾ خيال نٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجهي ٿو، جو چوي تہ هن جو هڪڙو ٽڪر مون باهہ ۾ ساڙيو، ۽ انهي جي ٽانڊن تي مون ماني بہ پچائي ۽ گوشت بہ ڪباب ڪري کاڌم: ۽ انهي جي بچيل ٽڪر مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ جوڙيان ڇا؟ آءٌ هڪڙي وڻ جي بنڊ جي اڳيان سجدو ڪريان ڇا؟
Sindhi Bible (Muslim) (مقدس ڪلام توريت، زبور ۽ نبين جون ٻيو لکتون ۽ انجيل شريف)
انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“